اشرف جروار

اشرف جروار

اشرف جروار

شرف جروار: صحافي ۽ ڪالم نويس اشرف جروار ولد غلام حسن جروار 21 جنوري 1964ع تي ڳوٺ صاحب خان جروار تعلقي ٽنڊوالھيار ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ صاحب خان جروار مان حاصل ڪئي. 1980ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1985ع ۾ انٽر پاس ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1986ع ۾ روزاني ’هنڱوراڻا سنڌ‘ ۽ ’صوبه سنڌ‘ اخبار کان ڪئي. هن مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾: ’سنڌ ٽربيون‘، ’هلال پاڪستان‘، ’برسات‘، ’سنڌ پريس انٽرنيشنل‘ ۽ ’اين آءِ اين‘ نيوز ايجنسيون شامل آهن. مختلف اخبارن ۾ سندس 200 کان وڌيڪ ڪالم ڇپيل آهن. ان کان علاوه يونيسف ۽ سنڌ جرنلسٽ نيٽ ورڪ لاءِ به ڪم ڪيو آهي. پاڻ ٽنڊي الھيار پريس ڪلب جو نائب صدر، جنرل سيڪريٽري، آفيس سيڪريٽري، پريس سيڪريٽري انساني حقوق ڪميٽي ٽنڊوالھيار، ٽنڊوالھيار يونين آف جرنلسٽ ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ يونٽ ٽنڊي الهيار جو جنرل سيڪريٽري به رهيو آهي. سندس اوارڊن ۾: DTCE طرفان 2 اوارڊ شامل آهن، صحافت جي پيشي سان گڏوگڏ سنڌي مزدور تحريڪ تنظيم جو به حصو رهيو آهي.


لفظ اشرف جروارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.01.21  عيسوي

صحافي ۽ ڪالم نويس اشرف جروار ولد غلام حسن جروار 21 جنوري 1964ع تي ڳوٺ صاحب خان جروار تعلقي ٽنڊوالھيار ۾ پيدا ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خالد کوکر
ارشاد مستوئي
دين محمد وفائي مولانا
دوست علي جيسر
خير محمد نظاماڻي
لطف علي دَل
عبدالغفور سيتائي
غالب لطيف
برڪاتي مسعود احمد
فاروق احمد راشدي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون